رام جاڳو

رام جاڳو (مقام): بزرگ ’رام جاڳي‘ جو نالو عبدالرحمان جاڳو هو، جنهن جي ڪرامتن کان متاثر ٿي ٺڪرن کيس ’رام جاڳو‘ ڪوٺيو، جيڪو نالو عام ٿي ويو. رام جاڳي جو مقام عمرڪوٽ جي قبرستانن ۾ وڏو ۽ تاريخي قبرستان آهي. هي قبرستان صالح ڀنڀري اسٽيشن کان 5-4 ميل اولهه طرف آهي. سما دؤر ۾ هن بزرگ جي قبرستان ۾ سماٽن جون سڀ ذاتيون پنهنجن وڏن کي دفن ڪنديون هيون. روايت آهي ته ورهاڱي کان اڳ راجسٿان جا سماٽ به پنهنجن وڏڙن کي هتي دفن ڪرڻ لاءِ آڻيندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي کي پاراتو ڏيندڙ عبن فقير دهلڙيءَ وارو به هن قبرستان ۾ آرامي آهي. سهروردي طريقي جو بزرگ ڪوڏڻ فقير پلي، جنهن جو پنهنجو مريدن جو هڪ سلسلو هو، ان بزرگ جي قبر به هتي آهي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترا عالم ۽ بزرگ هتي دفن آهن.


لفظ رام جاڳوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو